درگاهه احمد راڄو

درگاهه احمد راڄو

درگاهه احمد راڄو

درگاهه احمد راڄو: هيءَ درگاهه گولاڙچيءَ کان 31 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ديهه احمد راڄو 2، ڳوٺ ۽ يونين ڪائونسل احمد راڄو، تعلقي شهيد فاضل راهو، ضلعي بدين ۾ سامونڊي پٽي ويجهو واقع آهي. هن درگاهه ۾ مدفون بزرگ احمد راڄو ‘ڪؤنرن وارو پير’ يا ‘پير لوٽا/ لوٽا پير’ جي نالي سان عام مقبول آهي. هن درگاهه تي زيارت يا باس باسڻ لاءِ ايندڙ عقيدتمند پاڻ سان گڏ ڪؤنرو/لوٽو کڻي ايندا آهن، جيڪو مزار تي حاضري بعد هڪ مخصوص جاءِ/ڪنڊ تي اڇلائبو آهي. هڪ ڪمري جي ايراضي تي مشتمل هي درگاهه هڪ ٿلهي تي آهي. ڪمرو چوڪنڊو آهي، جنهن ۾ داخلي لاءِ ڪاٺ جو در ڏنل آهي. ڇت جي چئني ڪنڊن تي چورس شڪل جا ننڍا مينار آهن، جن مٿان گنبذڙيون ۽ نيل رکيل آهن، وچ ۾ گول ڳچ ۽ مٿان گولائيءَ ۾ ويڪرو گنبذ رکيل آهي. سموري گنبذ تي عمودي ۽ گول ليڪن جا دلڪش پانيل ڏنل آهن، جن مٿان پڻ هڪ نيل رکيل آهي. جنهن تي پهرين تاريخ جي اڀريل چنڊ جهڙو علامتي چنڊ رکيل آهي. ڳچ ۽ گنبذ جي هيٺين سطح تي ننڍا ننڍا ونگ ڏنل آهن، جن تي سائو ۽ نيرو رنگ ٿيل آهي. زيارتين جي ويهڻ لاءِ مقبري کان ٻاهر لوهي چادر سان ڇانو ڪيل آهي. مقبري کان ٿورو پرڀرو هڪ مسافر خانو آهي. مقبري جي اندر احمد راڄو سان گڏ سندس ڀيڻ دادي آس ٻائي جي مزار پڻ آهي. درگاهه جي تعمير ٿيل هن عمارت ۽ مسافر خاني جو افتتاح اڳوڻي وزير اعلى سنڌ ممتاز ڀٽي ڪيو. درگاهه جي سار سنڀال اوقاف کاتي جي ذميداري آهي. هن وقت درگاهه جو مجاور خليفو عمر آهي. هن درگاهه تي هر مهيني جي نئين چنڊ ڏسڻ کانپوءِ پهرئين آچر جي رات ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ مقامي توڙي سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل پانڌيئڙا وڏي عقيدت ۽ احترام سان شريڪ ٿيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو